مظهر ابڙو

مظهر ابڙو

مظهر ابڙو

مظھر ابڙو: ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس۽ شاعر مظهر ابڙو ولد منظور حسين ابڙو 25 اپريل 1971ع تي خيرپور جي ڳوٺ ڪولاب جيئل، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي. (سنڌي ۽ اڪنامڪس) جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ، تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر رهيو. سٺي ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ هُن ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا، جن ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ادبي ايوارڊ، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جو سچل سرمست ايوارڊ، ماھوار نئين زندگي (پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ) حيدرآباد جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت جو ’نسيم کرل‘ ايوارڊ، ماهوار ’سوجهرو‘ ڪراچيءَ جو بھترين ناول نگار ايوارڊ، صدارتي ايوارڊ (2005ع) ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا‘ (ڪھاڻيون : 1993ع)، (2) ’خُواب-کوٽا سِڪا‘ (ڪھاڻيون: 1998ع)، (3) ’جيون-اجاڙ رستا‘ (ناول: 2000ع)، (4) ’سرد خاني ۾ رکيل خُواب‘ (ڪھاڻيون: 2000ع)، (5) ’درد جي آس پاس‘ (شاعري: 2002ع)، (6) ’خوابن جو سفر‘ (ناول/ڪٿا: 2009ع) ۽ (7) ’سڪل نديءَ جا نشان‘ (ڪھاڻيون: 2020ع) شامل آهن. 25 مارچ 2024ع تي وفات ڪئي.


لفظ مظهر ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.04.25  عيسوي

ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٽي وي ڊراما نويس۽ شاعر مظهر ابڙو ولد منظور حسين ابڙو 25 اپريل 1971ع تي خيرپور جي ڳوٺ ڪولاب جيئل ۾ پيدا ٿيو.


  عيسوي

مظهر ابڙي 25 مارچ 2024ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جگر مرادآبادي
آزاد حنيف
صديق قمبراڻي
ٻيڙيءَ وارو سنت
عامر لطيف صديقي
سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جا محقق ۽ عالم
ايڌي عبدالستار
صابره بيگم ڊاڪٽر
سعيد خان چغته
تانتيا ٽوپي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون